سگهڙين سٿ

سگهڙين سٿ

سگهڙين سٿ

سگهڙين سٿ (رسالو): هيءُ رسالو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيل رسالو هو، جيڪو مارچ 1989ع کان نامور اديب، اسڪالر ۽ عورتازاد جي فڪري تحريڪ جي روح روان ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ جي سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿيو، جنهن جي ايڊيٽر انيسه رحمان هئي. هن رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ سلطانه وقاصي، عطيه دائود، رضيه کوکر، عبدالحق عظيم ۽ ارشد سراج شامل هئا. هن رسالي جي اجراءَ جو مقصد عورتن ۾ سياسي، سماجي جاگرتا جي جوت جلائڻ هو. هن رسالي ۾ عورتن جي حوالي سان مواد شايع ڪيو ويندو هو، جنهن تحت معاشري ۾ عورت جي هڪ فرد هئڻ واري حيثيت مڃائڻ جو مقصد ڪارفرما رکي سنڌ ۾ شعوري طور عورتازاد کي هٿي وٺرائڻ هو. رسالي ۾ نامور ليکڪائون ماهتاب محبوب، نور الهدى شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، سلطانه صديقي، شبنم گل سميت ٻيون ڪيتريون ئي ليکڪائون مسلسل لکنديون هيون. هن رسالي ۾ نامور اديبن توڙي اديبائن جا انٽرويو پڻ شامل ڪيا ويندا هئا. سنڌ ۾ ادبي، علمي، سماجي حلقن ۾سماج جي عورت ڏانهن روا رکيل رويي ۾ هاڪاري تبديليون آنديون. هيءُ رسالو ڪيترو وقت جاري رهيو ۽ پوءِ بند ٿي ويو.


لفظ سگهڙين سٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو